ڀڳوان نردوش

ڀڳوان نردوش

ڀڳوان نردوش

ڀڳوان نردوش: شاعر، مضمون نويس، ڪھاڻيڪار ۽ نقاد ڀڳوان ڪمون مل ھوتچنداڻيءَ جو اصل نالو ڀيمن آهي. هن 13 آڪٽوبر 1942ع تي دريا خان مري، تعلقي ۽ ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. ورهاڱي بعد والدين سان گڏ هندستان لڏي ويو. ھن مئٽرڪ 1960ع ۾ آئوٽرام وارشيا ڪئمپ اسڪول بڙودا مان، بي. ايم. ايس يونيورسٽي آف بڙودا مان ۽ بي. ايڊ ڀوپال يونيورسٽيءَ مان ڪئي. سندس تخلص ”نرودش“ آھي. ھن شاعري جي شروعات 1960ع کان ڪئي، سندس پھرين رچنا، 1965ع ۾ شايع ٿي. ”گجرات سنڌي ساھت اڪادمي گانڌي نگر“ جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهڻ سان گڏ، آل انڊيا ريڊيو، احمد آباد ۽ آل انڊيا ريڊيو، دھليءَ جي سنڌي پروگرامن ۾ شاعري پڙھندو رهيو آهي. سندس شاعري، ’ڪھاڻيون ۽ ڪالم هندستان جي مشھور اخبارن ۽ رسالن: ’هندواسي‘، ’ڪونج‘، ’ادبي چمن‘، ’باغ بھار‘، ’رهاڻ‘، ‘پوپٽرا‘، ’سنڌوءَ جوت‘، ’مھڪ‘، ’رچنا‘ ۽ سنڌ مان نڪرندڙ رسالن ’سنڌيا‘ ۽ ’هلال پاڪستان‘ ۾ ڇپجندا رهيا آهن. هي ادبي رسالن: ”سجني سنڌ‘ جو ڏهن سالن تائين ۽ ”نذرانو“ جو ٽن سالن تائين ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’چنڊ ڪئي چانڊاڻ‘ (شاعريءَ: 1974ع)، ’رنگ برنگي ڦوڪڻا‘ (ٻاراڻي شاعريءَ: 1978ع)، ’گل گلاب جا‘ (ٻاراڻيون ڪھاڻيون: 1975ع)، ’سوني مڇي‘ (ٻاراڻيون ڪھاڻيون: 1976ع)، ’مُون جي مَيا موتي‘ (تنقيدي مضمون: 1989ع)، ’آءُ ته اوريون حال‘ (شاعريءَ جو انتخاب: 1990ع)، ’نام ڪٺيا ناٽڪ نويس‘ (سوانح حيات: 1991ع)، ’ھري دلگير- ھڪ اڀياس‘ (سوانح ۽ ادبي تنقيد: 1993ع)، ’سر سريلا ساز جا‘ (شعرن جو ڳٽڪو: 1994ع)، ’سنگهرش‘ (سنڌي ڪھاڻين جي مجموعي جو گجراتيءَ ۾ ترجمو: 1995ع)، ’رم جهم رم جهم‘ (ٻاراڻا گيت: 1995ع)، ”ٻاتو ڄاڻي ڇا‘ (گجراتيءَ ۾ ترجمو: 1996ع)، سُرها سُرها سُواس (1996ع)، ’ميڙيا جي مون موتي‘ ۽ ’سک جا پاڇا‘ (غزلن جو گلدستو: 1996ع) شامل آهن. کيس ”گجرات سنڌي ساھت اڪادمي، گانڌي نگر“ جا اٺ انعام، دھلي مرڪزي سرڪار جي ماحوليات ۽ ٻيلي کاتي پاران ’پريا ورڻ جو پرتاب‘ اوارڊ (1993ع)، گجرات سنڌي ساهت اڪادمي ۽ گجرات سنڌي اڪيڊمي مان اوارڊ مليل آهن. هو ھن وقت ھنسول (Hansol)، احمد آباد (انڊيا) ۾ رھي ٿو.


لفظ ڀڳوان نردوشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو